ڪراچي انٽر بورڊ انتظاميا نتيجن جي تبديلي واري معاملي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين رزلٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو

InterBoad-Karachi-15816

ڪراچي انٽر بورڊ انتظاميا نتيجن جي تبديلي واري معاملي جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين رزلٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اينٽي ڪرپشن بورڊ جي ڊپٽي ڪنٽرولر جي گرفتاري لاءِ ايف آءِ اَي کي خط لکي چيو آهي ته دبير احمد پرڏيهه فرار ٿي سگهي ٿو، نتيجن ۾ تبديلي بابت جاچ لاءِ سندس گرفتاري انتهائي اهم آهي.

ڪراچي انٽر بورڊ جي ناظم عمران چشتي چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪنهن به شاگرد کي پاس ڪرڻ لاءِ دٻاءُ نه وڌو آهي، سمورو رڪارڊ محفوظ آهي.

هن چيو ته ڊيٽا سروس مشين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اينٽي ڪرپشن پري ميڊيڪل جي نتيجن جي جاچ ڪري رهي آهي، جيڪا مڪمل ٿيڻ تائين نتيجا پڌرا نه ڪيا ويندا.

ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن اختيارين بورڊ جي ڊپٽي ڪنٽرولر جي گرفتاريءَ لاءِ ايف آءِ اَي کي خط لکيو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته انٽر بورڊ ۾ امتحاني نتيجا تبديل ٿيڻ واري معاملي جي جاچ هلندڙ آهي، ڊپٽي ڪنٽرولر دبير احمد پرڏيهه فرار ٿي سگهي ٿو.

اينٽي ڪرپشن جي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دبير احمد جي گرفتاري معاملي جي جاچ لاءِ انتهائي اهم آهي، تنهنڪري کيس فرار ٿيڻ کان اڳ گرفتار ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*