والاريل ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان اڻپورو آهي،جماعت اسلامي جي امير سراج الحق

Siraj-Ulhaq-15816

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان اڻپورو آهي، ڀارتي رياستي ڏاڍ  ۽ ڪرفيو هئڻ باوجود والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان جا جهنڊا ڦڙڪڻ اتان جي رهواسين جو پاڪستان سان محبت جو  ثبوت آهي.

مظفر آباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪشميرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا، ڪشمير هڪ ڏينهن ضرور آزاد ٿيندو.

هن چيو ته  ڀارت سان اسان جو بنيادي مسئلو ڪشمير آهي، تنهن ڪري ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪري.

سراج الحق چيو ته ڀارت کي قابض طور ڪڏهن به تسليم نه ڪيو ويندو،  ڀارتي ظلم ۽ رياستي ڏاڍ باوجود ڪشمير ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪشميري پاڪستان سان ڪيتري محبت ڪن ٿا.

جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان جي اندروني معاملن  ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ڀارتي مداخلت وارو معاملو عالمي سطح تي اٿاريو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*