اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي ۾ تڪراري تقرير ڪرڻ بابت درخواست تي پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي نوٽيس جاري

Election-Mahmood-achakzai-15816

اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي ۾ تڪراري تقرير ڪرڻ بابت درخواست تي پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي نوٽيس جاري ڪندي کيس پهرين سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بينچ محمود اچڪزئي خلاف اڳوڻي صدارتي اميدوار وحيد ڪمال جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته محمود اچڪزئي پنهنجي تقرير ۾ پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، آئين جي آرٽيڪل 19 تحت پاڪ فوج تي ڪو به الزام نٿو لڳائي سگهي.

درخواستگذار موجب، محمود اچڪزئي پاڪ فوج کي بدنام ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جڏهن ته محمود اچڪزئي خيبرپختونخواهه کي افغانستان جو حصو قرار ڏئي ملڪي وحدت کي نقصان پڻ پهچايو آهي.

اليڪشن ڪميشن اهڙي درخواست تي محمود اچڪزئي کي نوٽيس جاري ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان اجلاس جا ڪمينٽس به طلب ڪري ورتا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*