کپري جي عدالت ۾ پيشي دوران دل جو دورو پوڻ سبب کاهي ٿاڻي جو اي ايس آءِ محمد عرس خاصخيلي فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال آندو ويو

ASI-Khipro-15816

کپري جي عدالت ۾ پيشي دوران دل جو دورو پوڻ سبب کاهي ٿاڻي جو اي ايس آءِ محمد عرس خاصخيلي فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال آندو ويو.

کپري جي عدالت ۾ منشيات ڪيس جي ٻڌڻي جاري هئي ته کاهي ٿاڻي جي اي ايس آءِ محمد عرس کي دل جو دورو پئجي ويو.

پوليس عملدارن محمد عرس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيوڳ، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته محمد عرس دل جي مرض ۾ مبتلا هو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*