اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت سياسي ۽ عسڪري قيادت جو ٽيون اهم اجلاس ٿيو

Nawab-Sharif-15816

 وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي اجلاس دوران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ناصر جنجوعا جي سربراهي ۾  ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني سلامتي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ لاءِ سول آرمڊ فورسز جون 29 ونگز جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت سياسي ۽ عسڪري قيادت جو ٽيون اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جـِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وزيراعظم جو قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ناصر خان جنجوعا، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو تفصيلي سان جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پرڏيهي ايجنسين جي مداخلت روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ بين الصوبائي اجلاس گهرائڻ تي به تفصيل سان ويچاريو ويو.

اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ناصر خان جنجوعا جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ٽاسڪ فورس ۾ ڊي جي ملٽري آپريشنز پاڪ فوج جي نمائندگي ڪندو، جڏهن ته وفاقي گهرو سيڪريٽري، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽري، آءِ جيز پوليس، ڊائريڪٽر جنرل نيڪٽا ۽ ٻيا ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا.

ان کان علاوه اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ملڪي سلامتي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ لاءِ سول آرمڊ فورس جون 29 ونگز جوڙيون وينديون ۽  سائبر ڪرائيم بل تي عملدرآمد جو طريقيڪار به واضح ڪيو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته نفرت جوڳو مواد ڇاپيندڙ ۽ نالو تبديل ڪري ڪم ڪندڙ بندش پيل تنظيمن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ لاءِ قانون ۾ اثرائتي ترميم سان گڏ فاٽا ۾ سڌارن لاءِ ڪم تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ لاءِ چئني صوبن جي وڏن وزيرن جو اجلاس به گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*