موري ڀرسان گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندڙ گهر ڌڻي بجلي جي تار ۾ وڇڙڻ سبب فوت ٿي ويو

moro prisan

موري ڀرسان گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندڙ گهر ڌڻي بجلي جي تار ۾ وڇڙڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار کي سوگهو ڪيو ويو.

 ڳوٺ گلبهار سولنگي ۾ اڻڄاتل چور يوسف ٻرڙو جي گهر ۾ داخل ٿي ڌاڙي جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڀاتين سجاڳ ٿيڻ کانپوءِ هوائي فائرنگ ڪئي.

جوابدارن جو پيڇو ڪرڻ دوران نوجوان يوسف ٻرڙو بجلي جي تار ۾ وڇڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن دم ڏنو.

واقعي کانپوءِ فوتي جي وارثن جوابدار جاويد جمالي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته ڪيس به داخل ڪرايو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*