پاپوليشن کاتي جي موبلائيزر ڪيڊرز کي پي پي ايڇ آءِ ۾ ضم ڪرڻ خلاف آپڪا جي سڏ تي لاڙڪاڻي

larkana population copy

پاپوليشن کاتي جي موبلائيزر ڪيڊرز کي پي پي ايڇ آءِ ۾ ضم ڪرڻ خلاف آپڪا جي سڏ تي لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ ۽ نوابشاهه ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ ملازمن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، جنهن دوران لاڳاپيل کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ غلام سرور بجاراڻي، محمد حيات، سجاد احمد ،مهر خان ۽ بهادر گولو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

نوابشاهه ۾ به ملازمن احتجاج ڪم بند ڪري پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن دوران سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

مظاهرين دانهيو ته پاپوليشن کاتي جي ميل موبلائيزر ڪيڊر کي پي پي ايڇ آءِ ۾ ضم ڪرڻ ظلم آهي.

هنن چيو ته 15 سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته سندن جائز مطالبا به تسليم ناهن ڪيا ويا.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته پاپوليشن کاتي جي موبلائيزر ڪيڊر کي پي پي ايڇ آءِ ۾ ضم ڪرڻ وارو فيصلو واپس ڪري ملازمن کي نوڪرين تي مستقل ڪيو وڃي، ٻي صور ت تحريڪ هلائي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*