اسلام آباد جي سيڪٽر ايف ٽين ٿـِري ۾ ٻـِن گروپن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد ميان سومرو جو ڀاڻج فهد سهراب ملڪ مارجي ويو

larkana population copy

اسلام آباد جي سيڪٽر ايف ٽين ٿـِري ۾ ٻـِن گروپن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد ميان سومرو جو ڀاڻج فهد سهراب ملڪ مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فهد سهراب ملڪ جو لاش تدفين لاءِ لاهور نيو پيو وڃي.

اسلام آباد جي سيڪٽر ايف ٽين ٿـِري ۾ ٻـِن گروپن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ فهد سهراب ملڪ ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو.

فهد سهراب ملڪ جي لاش کي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد تدفين لاءِ لاهور نيو ويو آهي.

فهد سهراب ملڪ اڳوڻي نگران وزيراعظم محمد ميان سومرو جو ڀاڻج هو، هو 2008ع ۾ جيڪب آباد جي تڪ اين اي 208 تان اعجاز جکراڻي جي مقابلي ۾ قاف ليگ اميدوار طور چونڊ به وڙهيو هو ۽ هارائي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*