ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ووٽ ڏئي ٿڪجي پيا آهن

johi

ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ووٽ ڏئي ٿڪجي پيا آهن پر حڪمرانن جي ڪرپشن سبب مثبت تبديلي نه اچي رهي آهي.

جوهي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪم ڪرپشن سبب رولڙي جو شڪار آهن.

هن چيو ته جوئي جي هڪ گئس ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪو سنڌين سان ظلم آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، سمورن سرڪاري کاتن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي رهي آهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر دودو مهيري، زين شاهه،روشن ٻرڙو، انعام ڀٽي ۽  ٻين پڻ خطاب ڪيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*