نوابشاهه ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن

nawabsha protest

نوابشاهه ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن، جڏهن ته واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ سبب فصل سڪهڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

جمال شاهه شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن بڍل شاهه، شاهزيب شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي

هنن دانهيو ته آبپاشي جي نااهلي سبب واهن ۽ شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي جو بحران آهي، جنهن ڪري فصل سڪهڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ تيز  ڪئي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*