هنڱورجا ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان مبينا طور زهر ڏنل نوجوان جوڙي جو خيرپور جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي

khairpur muder

هنڱورجا ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان مبينا طور زهر ڏنل نوجوان جوڙي جو خيرپور جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي، پوليس ڪيس داخل ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس پي عبدالله احمد جو چوڻ آهي ته زهر ڏيڻ ۾ نوجوان ۽ ناري ٻنهي جا وارث ملوث آهن.

هنڱورجا ۾ هفتو اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪامران لاڙڪ ۽ طاهره شاهه کي وارثن واپس گهرائي مبينا طور زهر ڏئي ڇڏيو، جن جو خيرپور جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته جوڙي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

ايس پي خيرپور عبدالله احمد ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته رات دير سان جيئن کين خبر پئي ته جوڙي جي زندگي بچائڻ لاءِ کين خيرپور اسپتال پهچايو ويو.

هن چيو ته رات 3 وڳي ڇاپا هڻي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيس 7 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

ايس پي چيو ته هيل تائين ٿيل جاچ مان لڳي ٿو ته جوڙي کي زهر پيارڻ ۾ ٻنهي جا وارث ملوث آهن، جن گڏجي قتل کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جو پروگرام ٺاهيو.

هن چيو ته واقعي جي ايف آءِ آر سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جيئن راڄوڻي نموني معاملي کي لئه مٽي نه ڪري سگهجي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*