قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو آهي

murtaza jawaid

قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو آهي ته ملڪ جنگ واري حالت ۾ هئڻ ڪري صوبائيت واريون ڳالهيون نٿيون سونهَن، سياستدانن جي غلطين سبب دهشتگردن کي پلجڻ جو موقعو مليو آهي، دهشتگردي خلاف اڳ ئي قدم کڄن ها ته هاڻي حالتون مختلف هجن ها.

ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ڪوئيٽا سانحي جي داخل زخمين جي عيادت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هن چيو ته ملڪ جنگ واري حالت ۾ آهي، ان لاءِ صوبائيت جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ملڪ کي اتحاد ۽ ايڪي جي ضرورت آهي.

مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته وزيراعظم دهشتگردي خلاف سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، ماضيءَ ۾ غلطيون ٿيون، جنهن سبب دهشتگردن کي پلجڻ جو موقعو مليو.

قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل حڪومتون دهشتگردي خلاف مناسب قدم کڻن ها ته اڄ حالتون ڪجهه مختلف هجن ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*