تحريڪ انصاف پاران وزيراعظم نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اڄ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ريفرنس داخل ڪرايو پيو وڃي

pti

تحريڪ انصاف پاران وزيراعظم نوازشريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اڄ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ريفرنس داخل ڪرايو پيو وڃي، ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ آف شور ڪمپنين جو ذڪر نه ڪيو، نواز شريف آئين جي آرٽيڪل ۽ 62 تي پورو نٿو لهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي لاءِ ريفرنس داخل ڪرائڻ بابت تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

ترجمان موجب ريفرنس جي منظوري لاءِ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽيءَ جو اهم اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ريفرنس جي باضابطه منظوري ورتي ويندي.

پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شاهه محمود قريشي اڄ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪري وزيراعظم جي نااهلي بابت ريفرنس داخل ڪرائيندو.

 پي ٽي آءِ پاران تيار ڪيل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي پاناما ليڪس مان ثابت ٿي ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو، وزيراعظم پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ آف شور ڪمپنين جو ذڪر ناهي ڪيو.

ريفرنس ۾ پاناما ليڪس تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته مسلم ليگ ن به عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ريفرنس داخل ڪرائي چڪي آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*