اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۽ انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما جي ضمانت واري درخواست تي نيب وڪيل کي تياري لاءِ مهلت ڏيندي

Islamabad high Court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۽ انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما جي ضمانت واري درخواست تي نيب وڪيل کي تياري لاءِ مهلت ڏيندي 25 آگسٽ تي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نور الحق قريشي ۽  جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پرڏيهي کاتي جي گرفتار ڪيل ڊائريڪٽر شفقت چيما جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت سوال ڪيو ته شفقت چيما جي آمدني جو ڪهڙو ذريعو آهي، جنهن جي جواب ۾ وڪيل دليل چيو ته  شفقت چيما جي آمدني جا 2 ذريعا  آهن.

وڪيل چيو ته شفقت چيما سرڪاري پگهار کڻڻ کان علاوه زراعت جو ڪاروبار ڪندو آهي.

جسٽس نور الحق قريشي ريمارڪس ڏنا ته سرڪاري ملازم ذاتي ڪاروبار نٿو هلائي سگهي.

ٻڌڻيءَ دوران نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته کين تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت، نيب جي پراسيڪيوٽر جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 25 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ نيب کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن شفقت چيما جي آمدني غير قانوني آهي ته پتو لڳائي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*