دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ طالبان سربراهه سميت 8 جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ طالبان سربراهه ملا فضل الله سميت 8 جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

   ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ايئرپورٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي، جنهن ۾ گرفتار ٽن جوابدار سرمد صديقي، نديم برگر ۽ آصف ظهير کي پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ مفرور  جوابدار طالبان سربراهه ملا فضل الله ۽ شاهد الله شاهد سميت 8 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت مفرور 8 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا ٻيهر وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*