اورڪزئي ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد 2 زخمي ٿي پيا

هنگو جي اوڪرزئي واري علائقي ۾ سڪيوٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، اورڪزئي جي شبڪ واري علائقي ۾ فورسز جي گشت دوران بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجڻ سبب 4 شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

ذريعن موجب،  شهيد ۽ زخمي اهلڪارن کي سول اسپتال علي زئي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ذريعن موجب، ڌماڪي ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي کان پوءِ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*