نيب ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ڪيل آبپاشي کاتي جي چئن ايگزڪيوٽو انجنيئرز سميت 8 ڪامورن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

naib

نيب ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ڪيل آبپاشي کاتي جي چئن ايگزڪيوٽو انجنيئرز سميت 8 ڪامورن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي نيب پاران عملدارن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي.

گذريل ڏينهن ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار ڪيل آبپاشي کاتي جي چئن ايگزيڪيوٽو انجنيئرن سميت 8 عملدارن کي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

نيب موجب عدالت ۾ پيش  ڪيل عملدارن ۾ چار ايگزيڪيٽو انجنيئرز عبدالغني، غلام سرور، حبيب الله ڪابورو، غلام نبي شامل آهن.

قومي احتساب بيورو جي عملدارن جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پراسڪيوٽر پاران سمورن عملدارن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*