آرمي چيف جنرل راحيل شريف 11 خطرناڪ دهشتگردن کي فوجي عدالت پاران ٻڌايل موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

ISPR-16816

آرمي چيف جنرل راحيل شريف 11 خطرناڪ دهشتگردن کي فوجي عدالت پاران ٻڌايل موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ڊي آءِ جي فياض سنبل جي قتل سميت سڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي حملن ۾ ملوث آهن ۽ سمورن دهشتگردن جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف 11 خطرناڪ دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سمورن دهشتگردن کي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي.

موت جي سزا ٻڌايل دهشتگردن ۾ ضياءُ الله، فضل ربي، محمد شير، عمير زادا، لطيف الرحمان، محمد عادل، اسرار احمد، عبدالمجيد، علي، ميان سعد اعظم ۽ قيصر خان شامل آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ڊي آءِ جي فياض سنبل، اي ايس آءِ رضا خان، آءِ ايس آءِ انسپيڪٽر ڪامران نذير جي قتل ۾  ملوث آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي حملن ۾ به ملوث هئا ۽ سمورن دهشتگردن جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*