ڪنڌڪوٽ ۾ چوري جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار لاڪ اپ ۾ پاڻ کي بليڊ سان جهير ڌئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي

khandr khot

ڪنڌڪوٽ ۾ چوري جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار لاڪ اپ ۾ پاڻ کي بليڊ سان جهير ڌئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اي سيڪشن پوليس پاران 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل جوابدار شمن شيخ لاڪ اپ ۾ پاڻ کي بليڊ سان جهير ڏئي آپگهات جي ڪُوشش ڪئي.

پوليس اهلڪارن قيدي کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پاران آپگهات جي ڪوشش ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*