ڪراچي جَي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ايس آءِ يو ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن

khi 4 trrrst

ڪراچي جَي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ايس آءِ يو ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

ايس ايس پي فاروق اعواڻ موجب، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

ايس ايس پي فاروق اعواڻ چيو ته اهلڪارن جوابي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس آءِ اي موجب، گرفتار دهشتگرد دهشتگرد ڪاررواين لاءِ پوليس موبائل ۽ پوليس جي وردي استعمال ڪندا هئا، جن جي سڃاڻپ ڪاشف علي، سيد عالم، اظهر حسين ۽ عبدالعديل طور ٿي آهي.

فاروق اعواڻ جو چوڻ آهي ته دهشتگرد قتل، ڀتاخوري، ڦر ۽ ڌاڙن جي ڪيسز ۾ ملوث آهن، جڏهن ته اهم شخصيتن جي اغوا ۽ مٿن حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*