سئي سدرن گئس ڪمپني اوگرا کي گئس جون قيمتون واڌائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي

khi ogra

سئي سدرن گئس ڪمپني اوگرا کي گئس جون قيمتون واڌائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صنعتڪارن ۽ واپارين مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

اوگرا چيئرپرسن عظميٰ عادل خان جي صدارت هيٺ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ عوامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سئي گئس عملدارن، صنعتڪارن، واپارين ۽ شهرين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سئي گئس ڪمپني پاران گئس جي قيمتن ۾ 17 رپيا 42 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو تي واڌ جي درخواست ڪئي وئي.

اجلاس ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين قيمتن ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي چيو ته گئس جا اگهه اڳ ئي وڌيڪ آهن، تنهنڪري قيتمن ۾ اضافي سان عوام کي ڀوڳڻو پوندو.

ان موقعي تي اوگرا چيئرپرسن عضميٰ عادل چيو ته سڀني جون شڪايتون ٻڌيون آهن، ڪوشش ڪئي ويندي ته فيصلا ميرٽ جي بنياد تي ڪيا وڃن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*