حڪومت ۽ اپوزيشن پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انڪوائري ايڪٽ 1956 ۾ ترميم بدران نئون قانون ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

meet

حڪومت ۽ اپوزيشن پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انڪوائري ايڪٽ 1956 ۾ ترميم بدران نئون قانون ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته بدعنواني جي خاتمي لاءِ قانون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ به پراڻي قانون کي غير موثر قرار ڏئي چڪي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽي او آر ڪميٽي مان ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي بيان کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

 ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ انڪوائري ايڪٽ 1956 ۾ ترميم بدران نئون قانون ٺاهيو ويندو ۽ سمورا معاملا پارليامينٽ ذريعي ئي حل ڪيا ويندا.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته 60 سال کان هڪ قانون هلي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ به ان قانون کي غير موثر قرار ڏئي چڪي آهي.

هن چيو ته بدعنواني جي خاتمي لاءِ قانون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽي او آر ڪميٽي جي ميمبرن جي گڏجاڻي کانپوءِ حڪومت پاران تجويز ڪيل احتساب ايڪٽ پڌرو ڪيو ويندو.

اسحاق ڊار چيو ته ٽي او آر معاملي تي اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر کي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد ٽي او آر ڪميٽيءَ جو اجلاس گهرايو ويندو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن سان مشاورت کانپوءِ ٽي او آر ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو شيڊول طئي ڪيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*