حڪمران جماعت نواز ليگ جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو سفارتڪار مسعود خان آزاد ڪشمير جو 26 هون صدر چونڊجي ويو آهي

masood

حڪمران جماعت نواز ليگ جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو سفارتڪار مسعود خان آزاد ڪشمير جو 26 هون صدر چونڊجي ويو آهي.

آزاد ڪشمير جي 26هين صدر جي چونڊ لاءِ قانونساز اسيمبلي جي هال ۾ پولنگ جو عمل صبح جو نائين وڳي کان منجهند جو ٽي وڳي تائين جاري رهيو.

چونڊن ۾ حڪمران جماعت مسلم ليگ نون اڳوڻو سفارتڪار مسعود خان ۽ پيپلزپارٽي پاران اڳوڻو ناڻي وارو وزير ۽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري چوڌري لطيف مغل ميدان تي لٿل هئا ، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ مسلم ڪانفرنس چونڊن جي بائيڪاٽ ڪيو.

صدر جي چونڊ لاءِ قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي 48 ميمبرز ووٽ جو حق استعمال ڪيو.

جاري ڪيل نتيجن موجب مسعود خان 42 ووٽ کڻي آزاد ڪشمير جو 26 هون صدر چونڊجي ويو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي لطيف مغل کي رڳو 6ووٽ ملي سگهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*