هڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان مبينا طور زهر ڏنل ناري ۽ نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

khairpur

هڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان مبينا طور زهر ڏنل ناري ۽ نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي،  ڊاڪٽرز نوجوان لاءِ ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم قرار ڏنا آهن، پوليس ڪيس ۾ گهربل وڌيڪ ٻن جوابدارن کي اڃا گرفتار ناهي ڪري سگهي.

پسند جي شادي ڪندڙ هڱورجا واسي ناري سباس طاهره شاهه ۽ ڪامران لاڙڪ مبينا طور زوري زهر ڏيڻ بعد خيرپور جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته ناري کي وقفي وقفي سان بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، جنهن ڪري کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

ڊاڪٽرز موجب نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن لا ايندڙ 24 ڪلاڪ انتهائي اهم آهن.

ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ نامزد 7 جوابدارن مان 5 پوليس جي ريمانڊ ۾ آهن، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي گرفتاري اڃا عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

متاثر ناري سباس طاهره شاهه جو چوڻ هو ته هُن ڪامران سان نوابشاهه جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد والد ۽ چاچن رخصتي ڪرائڻ جي بهاني پاڻ وٽ گهرايو، جتي ڪامران جو وڏو ڀاءُ ۽ ٻيا وارث به موجود هئا.

سباس طاهره شاهه چيو ته، سندس والد پسٽل کڻي آيو ۽ ٻنهي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته، چاچن کيس روڪيو ۽ چيو ته گولي جي آواز تي پاڙي وارا اچي ويندا.

طاهره شاهه چيو ته، ڪامران جو وڏو ڀاءُ، ماءُ ۽ پيءُ سندس چاچن کي منٿون ڪندا رهيا ته مارڻ کانسواءِ مسئلي جو ڪو ٻيو حل ڪڍو پر سندن ڪنهن به ڳالهه نه ٻڌي.

ناري طاهره شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته، سندس چاچن کيس ۽ مڙس ڪامران کي زبردستي زهر پياريو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*