سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سمورن سرڪاري کاتن کي مثالي بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پئي وڃي

khi cm

سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سمورن سرڪاري کاتن کي مثالي بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پئي وڃي، غفلت جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ روينيو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، چيئرمين روينيو بورڊ علم الدين بلو، سيڪريٽري فنانس، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

سنڌ روينيو بورڊ جي چيئرمين وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن ۾ 10 ارب رپيا ٽئڪس وصول ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن سال ٽئڪس وصولي گذريل 3 سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.

وڏي وزير چيو ته سمورن سرڪاري کاتن کي مثالي بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پئي وڃي، غفلت جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه مولوي عبدالحق جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن مولوي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا به گهري.

ان کان اڳ سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سان چين ۽ آمريڪي قائونصل جنرلز ڌار ڌار ملاقاتون ڪري ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*