وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ٿيون آهن

Ch-Nisar-16816

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪوئيٽا سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ٿيون آهن، امريڪي شهري ميٿو بيرٽ واري معاملي جي جاچ جاري آهي، جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته امريڪي شهري جاسوسي ۾ ملوث ناهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته امريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي 24 ڪلاڪن اندر ويزا جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي.

هن چيو ته ميٿيو بيرٽ جي فارم جي جاچ پڙتال واري عمل ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي، ويزا آفيسر ڪوتاهي نه ڪري ها ته امريڪي شهري کي پاڪستاني ويزا جاري نه ٿئي ها، امريڪي شهري کي ايئرپورٽ تي پڪڙيندڙ آفيسر کي هڪ لک رپيا انعام ڏنو ويو آهي.

چوڌري نثار چيو ته جي آءِ ٽي پاران امريڪي شهري واري معاملي تي رپورٽ اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ ميٿيو بيرٽ کي جاسوس ناهي ڄاڻايو ويو پر سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ امريڪي شهري کي ڊي پورٽ ڪيو ويو هو.

وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪوئيٽا سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ٿيون آهن، ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ شخص جي مٿي جو هڪ حصو مليو هو، جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي پر ڊي اين اي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

چوڌري نثار چيو ته ڌماڪي واري هنڌ تان مليل تصويرن جي ذريعي به دهشتگرد جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، ڌماڪي واري هنڌ تان آڱرين جا نشان مليا هئا پر اهي به ڪنهن متاثر شخص جا هئا.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي چڪا آهن ۽ ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اندر چئني صوبن جي وڏن وزيرن جو اجلاس به گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*