پاڪستان خلاف پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ انگلينڊ 15رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

England-Cric-17816

پاڪستان خلاف پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ انگلينڊ 15رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي شروعات 24 آگسٽ کان ٿيندي.

انگلينڊ جي 15 رڪني اسڪواڊ جي قيادت اوئن مورگن ڪندو ۽ٽيم ۾ ليام ڊوسن کي پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

انگلينڊ جي ٽيم جي ٻين رانديگرن ۾ معين علي، جوني بيئراسٽو، جوزبٽلر، ڪرس جارڊن،جوءِروٽ،اليڪس هيلز،ليام پلنڪٽ، جيسن روءِ، بين اسٽوڪس، عادل راشد، ڊيوڊ ڊولي،ڪرس ووڪس،۽مارڪ ووڊ شامل آهن.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 24 آگسٽ تي کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*