وزيراعظم نواز شريف وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو آهي، جنهن دوران ملڪ جي سڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو

pm ijlas

وزيراعظم نواز شريف وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو آهي، جنهن دوران ملڪ جي سڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، وزيراعظم نواز شريف جي امريڪي دوري تي به مشاورت ڪئي ويندي.

پي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم نواز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ سڏائي ورتو آهي.

اجلاس ۾ لينڊ بينڪنگ پاليسي جي منظوري سميت اهم فيصلن جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت ڪابينا کي تفصيلي بريفنگ ڏيندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف جي امريڪا جي دوري تي به ڪابينا ميمبرز سان مشاورت ڪئي ويندي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ملڪ جي سڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال تي به تفصيل سان ويچاريو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*