پاناما ليڪس جا ضابطه طئي ڪرڻ لاءِ جوڙيل ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت حتمي فيصلي لاءِ گڏيل اپوزيشن جو اجلاس جاري

ISB-Op-17816

پاناما ليڪس جا ضابطه طئي ڪرڻ لاءِ جوڙيل ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت  حتمي فيصلي لاءِ گڏيل اپوزيشن جو اجلاس جاري آهي، سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت پاران پانانا ليڪس جي جاچ لاءِ تجويز ڪيل قانون جو ڪو به فائدو ناهي، ان قانون سان به پاناما ليڪس جي جاچ نه ٿيندي.

اسلام آباد ۾ سينيٽر اعتزاز احسن جي رهائشگاهه تي گڏيل اپوزيشن جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي،  آفتاب شيرپائو، بئريسٽر سيف، سينيٽر الياس بلور، شيخ رشيد، اسرار الله زهري ۽ ٻيا اپوزيشن اڳواڻ شريڪ آهن.

اجلاس ۾ ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت تفصيلي سان ويچاريو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومت پاران پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ تجويز ڪيل نئين قانون جي مسودي تي به مشاورت ڪئي پئي وڃي.

اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته حڪومت پاران پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ تجويز ڪيل نئين قانون جو ڪو به فائدو ناهي، ڇو ته ان قانون سان پاناما ليڪس جي جاچ نه ٿي سگهندي.

اعتزاز احسن چيو ته ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو گڏيل اپوزيشن گڏيل جو هو.

اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي پر  اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي آهي يا نه ان بابت فيصلو گڏيل اپوزيشن ئي ڪندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*