پاڪستان ۽آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي

Ireland-v-Pakistan-at-Dublin-17816

پاڪستان ۽آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم اڄ ٽريننگ سيشن شرڪت ڪندي.

قومي ون ڊي ٽِيم رات آئرلينڊ جي شهر ڊبلن پهتي جتي ٽيم ٻه ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

ٻنهي ٽِيمن وچ ۾ ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڊبلن ۾ کيڏي ويندي.

پهرين ميچ کان اڳ قومي ٽيم اڄ پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

ٻنهي ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ميچ 20 آگسٽ تي رٿيل آهي.

آئرلينڊ جي ٽيم خلاف ٻه ميچز کيڏڻ بعد قومي ٽيم انگلينڊ واپس ايندي، جتي پنج ون ڊي ميچز ۽ واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ رٿيل آهي.

واضح رهي ته آئرلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ مجموعي طور تي 6 ون ڊي ميچز کيڏيون ويون آهي،جن مان چار ۾ قومي ٽيم کي فتح ملي ۽هڪ ميچ ۾ ڪاميابي آئرلينڊ جو مقدر بڻي،جڏهن ته هڪ ميچ ٽاءِ ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*