جهلم جي عدالت پاڪستاني ڄائي برطانوي عورت سامعه قتل ڪيس ۾گرفتار ڪيل ناري جي پيءُ ۽ سندس اڳوڻي مڙس کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

samia-Case-Uk-29716

جهلم جي عدالت پاڪستاني ڄائي برطانوي عورت سامعه قتل ڪيس ۾گرفتار ڪيل ناري جي پيءُ ۽ سندس اڳوڻي مڙس کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جهلم جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ سامعه قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس گرفتار ڪيل سامعه جي پيءَ چوڌري شاهد ۽ اڳوڻي مڙس چوڌري شڪيل کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻيءَ دوران پوليس عدالت کي ٻڌايو ته سامعه قتل ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس ناري جي مڙس ۽ سندس والد کان وڌيڪ جاچ ڪرڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري رمانڊ منظور ڪيو وڃي.

عدالت، پوليس جي استدعا منظور ڪندي ناري جي اڳوڻي مڙس چوڌري شڪيل ۽ پيءُ چوڌري شاهد کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت پوليس کي ڪيس جي جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضح رهي ته سامعه شاهد ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ لنڊن ۾ رهندي هئي پر کيس پيءُ جي بيماري جو بهانو ڏئي واپس گهرايو ويو هو، جنهن بعد سندس جهلم واري گهر مان لاش مليو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*