بلوچستان جي علائقي صحبت پور ۾ بارودي سرنگهه کي ناڪار بڻائڻ دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو اهلڪار شهيد ٿي ويو

Sobat-Pur-Blast-17816

بلوچستان جي علائقي صحبت پور ۾ بارودي سرنگهه کي ناڪار بڻائڻ دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڊيرا بگٽي ۾ ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

صحبت پور جي علائقي عادل پور ۾ علائقي واسين بارودي سرنگهه ڏسڻ کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد فوري طور تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ بارودي سرنگهه کي ناڪاره بڻائي رهيو هو ته ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ بي ڊي ايس عملي جو هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.

ڊيرا بگٽي جي پٽوخ واري علائقي ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽ 6 ڍور به مري ويا.

واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*