قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف احتجاج ڪيو ويو

Ayaz-Sadiq-National-Assembly-17816

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف احتجاج ڪيو ويو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار متحده کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي هو ڊي جي رينجرز ۽ سنڌ سرڪار سان ڳالهائيندو، جنهن اداري خلاف شڪايتون آهن، ان کي جاچ جو اختيار ناهي.

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرز پاران ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو.

متحده جي ميمبر اقبال محمد علي چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ بنا نمبر پليٽ واري گاڏين ۾ ڪارروائي ڪري ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي.

اقبال محمد علي چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اها باهه ڀڙڪي ته ڪير به وسائي نه سگهندو.

 ايم ڪيو ايم ميمبرز جي احتجاج تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جي مذمت ڪيون ٿا، ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪيا ويندا.

چوڌري نثار چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي گرفتاري واري معاملي تي ڊي جي رينجرز ۽ سنڌ حڪومت سان ڳالهايو ويندو، جنهن اداري خلاف شڪايتون آهن، اهو جاچ نٿو ڪري سگهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*