سنڌ هاءِ ڪورٽ نوجوان جي گمشدگي واري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي معافي واري درخواست منظور ڪندي شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو

Roa-Anwar-17816

سنڌ هاءِ ڪورٽ نوجوان جي گمشدگي واري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي معافي واري درخواست منظور ڪندي شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو، عدالت نوجوان جي گمشدگي بابت جاچ لاءِ نئين جي آءِ جي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ شريف نالي نوجوان جي گمشدگيءَ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران طلب ڪرڻ تي ايس ايس پي ملير رائو انوار پيش ٿي معافي لاءِ درخواست ڏني.

عدالت پاران پڇاڻو ڪرڻ تي ايس ايس پي ملير رائو انوار ٻڌايو ته ڌمڪين سبب سندس حياتيءَ کي خطرو آهي، جنهن ڪري احتياط کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، جنهن تي جسٽس عرفان سعادت ريمارڪس ڏنا ته ججز کي به ڌمڪيون مليل آهن، پوءِ ڇا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏجي؟

عدالت ايس ايس پي ملير کي ٻڌڻين دوران پيش ٿيڻ ۽ عدالتي حڪمن جي پوئيواري جو پابند بڻائيندي معافي واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ سندس خلاف جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو.

عدالت درخواستگذار جو بيان ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ ۽ نوجوان جي گمشدگي بابت نئين جي آءِ ٽي جوڙي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*