گڏيل اپوزيشن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ضمانت تائين پاناما ليڪس جي جاچ جا ضابطه طئي ڪرڻ واري ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

opposistion ijlas

گڏيل اپوزيشن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ضمانت تائين پاناما ليڪس جي جاچ جا ضابطه طئي ڪرڻ واري ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪومت هر صورت ۾ وزيراعظم کي بچائڻ چاهي ٿي، ٽي او آر ڪميٽي ۾ وڌيڪ لچڪ نه ڏيکارينداسين.

 اسلام آباد ۾ سينيٽر اعتزاز احسن جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ گڏيل اپوزيشن جي اڳواڻن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ٽي او آر ڪميٽيءَ جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن بعد گڏيل اپوزيشن جي اجلاس ۾ مشاورت ڪئي وئي ۽ اسپيڪر کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو.

اعتزاز احسن چيو ته اسپيڪر تي اعتماد آهي،  ان جي چيمبر ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيون پر جيستائين اسپيڪر اياز صادق ضمانت نه ڏيندو، تيستائين ٽي او آر ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت واري معاملي تي لچڪ نه ڏيکارينداسين.

هـُن چيو ته اپوزيشن جماعتن جيڪي تجويزون حڪومت کي ڏنيون هيون، اهي حتمي آهن، مخالف ڌر حڪومت جا 75 سيڪڙو ٽي او آر قبول ڪيا پر حڪومت اپوزيشن جي ضابطن تي ڪا به لچڪ ناهي ڏيکاري.

اعتزاز احسن چيو ته وزيراعظم نوازشريف پاڻ کي ڪٽنب سميت احتساب لاءِ پيش ڪري چڪو آهي پر ٽي او آر ڪميٽي ۾ شامل حڪومتي ميمبرن جو مقصد وزيراعظم کي احتساب کان بچائڻ آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل اپوزيشن پنهنجي موقف تي قائم آهي، وفاقي وزير مخالف ڌر ۾ اختلافن بابت غلط تاثر ڏئي رهيا آهن، انهن جو مقصد اپوزيشن جي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*