بدين ۾ صحت کاتي جي گاوي ويڪسينيٽرز پاران گذريل 17 مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

badin

بدين ۾ صحت کاتي جي گاوي ويڪسينيٽرز پاران گذريل 17 مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن غلام حسين سومرو، سليمان سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين چيو ته صحت کاتي پاران گاوي ويڪسينيٽرز کي گذريل 17 مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جيڪا نا انصافي آهي.

هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ ڪري هو سخت مالي پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کين رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*