سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جي سزائن خلاف اپيل تي ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

jatoi

سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جي سزائن خلاف اپيل تي ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، فاروق ايڇ نائيڪ ايڊووڪيٽ ذريعي داخل ڪرايل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهه وقت شاهه رخ جتوئي جي عمر 18سال کان گهٽ هئي، ڌرين ۾ راضي نامو به ٿي چڪو آهي، جنهنڪري ٻيهر جاچ ڪرائي جوابدار کي شڪ جو فائدو ڏنو وڃي.

شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر سميت ٻين کي ٻڌايل سزائن خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.

جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته ڏوهه وقت شاهه رخ جتوئي جي عمر 18 سال کان گهٽ هئي ۽ مختلف دستاويزن ۾ به سندس عمر 18 سال کان گهٽ ظاهر ٿي آهي، معاملو رڳو دهشتگردي جي شقن سبب اٽڪيل آهي.

وڪيل استدعا ڪئي ته اپيل تي ٻڌڻي کان اڳ شاهه رخ جتوئي جي عمر جي تعين لاءِ نئين سر انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ جوابدار کي شڪ جو فائدو ڏنو وڃي.

جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جا دليل جاري هئا ته عدالت ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*