ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته مسلم ليگ نون جي مقبوليت ڏسي عمران خان بوکلائجي ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف عوام جي دلين ۾ رهي ٿو

daniyal aziz

ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته مسلم ليگ نون جي مقبوليت ڏسي  عمران خان بوکلائجي ويو آهي،  وزيراعظم نواز شريف عوام جي دلين ۾ رهي ٿو، عمران خان ڪوڙ جي بنياد تي وزيراعظم ٿيڻ وارا خواب ڏسڻ بند ڪري.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو ته عمران خان هر فورم تي ڪوڙو ثابت ٿيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه قوم کي بيوقوف بڻائڻ وارو سلسلو بند ڪري.

 هن چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن وڃي نئين قلابازي کاڌي آهي،  مسلم ليگ نون جي ڪاميابين کي ڏسي عمران خان بوکلائجي ويو آهي.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان موقف تبديل ڪرڻ جو ماهر آهي، پي ٽي آءِ سربراهه پوائنٽ اسڪورنگ ۽ هيڊلائينز لاءِ حڪومت مٿان ڪوڙا  الزام هڻندو آهي.

ن ليگ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نواز شريف عوام جي دلين ۾ رهي ٿو، عمران خان ڪوڙ جي بنياد تي وزيراعظم ٿيڻ وارا خواب ڏسڻ بند ڪري….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*