سيوهڻ ۾ هڪ هفتو اڳ مارجي ويل اي ايس آِءِ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ علائقي واسين جو 6 ڪلاڪن کان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري آهي

sehwan

سيوهڻ ۾ هڪ هفتو اڳ مارجي ويل اي ايس آِءِ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ علائقي واسين جو 6 ڪلاڪن کان  انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري آهي.

هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل اي ايس آءِ نياز حسين پنهور جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ علائقي واسين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي آهي.

مظاهرين چيو ته هٿيار بندن حملو ڪري بيگناهه نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو، پر واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس  جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته شهيد اي ايس آءِ جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*