تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪنداسين احسن اقبال

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان نٿا چاهيون ته عمران خان هني مون ڊي چوڪ تي ملهائي، تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن هنڌ ٿيل انتظامي غفلت کي ڌانڌلي قرار نه ڏئي، مطالبا منظور ڪيا آهن، ڪميشن کان ڀڄڻ وارا ناهيون.

هن چيو ته پي ٽي آءِ احتجاج ڪري، اسان تي ڪو اثر نه پوندو، باقي پي ٽي آءِ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*