ڪلاسڪ “بن حر” جي ريميڪ فلم 19 آگسٽ تي رليز ٿيندي

FILM-BENHUR-PREMIERE-17816

1959ع جي ڪلاسڪ فلم “بن حــر” جي ريميڪ جو هالي ووڊ ۾ پريميئر ٿيو، جنهن ۾ فلم جي ڪاسٽ توڙي عملي شرڪت ڪئي.

امريڪي ليکڪ لـــِيــُو ويليس جي 1880ع ۾ لکيل ناول “ بن حر: آ ٽيل آف دي ڪرائسٽ” جي ڪهاڻي 1907ع  ۾ پهريون ڀيرو وڏي پردي تي ڏيکاري وئي هئي، جنهن بعد هي پنجون ڀيرو آهي جو ناول تي فلم ٺاهي وئي آهي. نئين فلم ۾ جوڊاح جو ڪردار جيڪ هوسٽن نڀايو آهي، 1959ع ۾ اداڪار  چارلٽن هيسٽن مک ڪردار نڀايو هو.  جوڊاح جي هنج ورتل ڀاءُ ميسالا جو ڪردار ٽوبي ڪيبيل نڀايو آهي، جيڪو رومن آرمي ۾ شامل ٿئي ٿو. فلم جو ڊائريڪٽر روسي قازڪ فلمساز تيمور بيڪمامبيتوف آهي. “بن حر” 19 آگسٽ تي امريڪي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*