ڪراچي جي علائقي منظور ڪالوني ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فائر اسٽيشن تي ٻيهر ڇاپو هڻي فائر آفيسر ذوالفقار جي گهر واري ۽ سندس ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

Karachi-Manzoor-colony-18816

ڪراچي جي علائقي منظور ڪالوني ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فائر اسٽيشن تي ٻيهر ڇاپو هڻي فائر آفيسر ذوالفقار جي گهر واري ۽ سندس ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فائر برگيڊ  آفيسر محمد ظفر خان جي گهر واري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن گرفتار آفيسر جي نشاندهي فائر اسٽيشن تي ٻيهر ڇاپو هنيو، جنهن دوران فائر برگيڊ جي آفيسر ذوالفقار جي گهر  واري ۽ سندس ڀاءُ کي حراست ۾ ورتو ويو.

ٻئي پاسي فائر برگيڊ آفيسر محمد ظفر خان جي گرفتاري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي لاءِ 19آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*