سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ گرفتار 5 جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 5 جوابدارن کي 15 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب ڪيس فوجي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪجهه مهينا اڳ مارجي ويل جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، گرفتار 5 ئي جوادبدار کي سخت سڪيورٽي هيٺ عدالت آڏو پيش ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جي جاچ اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهي، چالان پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

عدالت جوابدار حنيف ڀٽو، درياهه خان جمالي، الطاف جمالي، سارنگ ٽوٽاڻي ۽ مشتاق مهر کي 15 ڏينهن  جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس تازو قيام ۾ ايندڙ فوجي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، جنهنن لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*