سپريم ڪورٽ موبائيل فون ۽ ٽيڪسٽائيل مشينري تي ليوي ٽيڪس ۾ واڌ بابت وفاقي حڪومت جو نوٽيفڪيشن ۽ ڪابينا کي باءِ پاس ڪرڻ بابت وزيراعظم جو اختيار ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ موبائيل فون ۽ ٽيڪسٽائيل مشينري تي ليوي ٽيڪس ۾ واڌ بابت وفاقي حڪومت جو نوٽيفڪيشن ۽  ڪابينا کي باءِ پاس ڪرڻ بابت وزيراعظم جو اختيار ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانسواءِ ڪو به بل يا آرڊيننس غير قانوني هوندو، وزيراعظم به وفاقي ڪابينا کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهي.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ موبائيل فون ۽ ٽيڪسٽائيل مشينري تي ليوي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف هڪ شهري جي درخواست تي 79 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.

عدالت تفصيلي فيصلي ۾ ڪابينا کي باءِ پاس ڪرڻ بابت وزيراعظم جو اختيار “ رولز سورنهن 2” کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ وزيراعظم جي اختيارن جي حوالي سان چيو ته ٽيڪس ۾ واڌ يا گهٽتائي جو اختيار وزيراعظم نه پر وفاقي حڪومت  وٽ آهي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بجيٽ بابت اختيار ۽ صوابديدي اختيار وزيراعظم اڪيلي سر استعمال نٿو ڪري سگهي، مالي معاملا، بجيٽ خرچ ۽ حڪومت جا صوابديدي خرچ وفاقي حڪومت ڪندي آهي ۽ ڪو به قانون يا بل ڪابينا جي منظوري کانسواءِ پارليامينٽ ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وزيراعظم ڪابينا جي فيصلي جو پابند آهي ۽ وزيراعظم ڪابينا کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهي، وفاقي حڪومت جو اختيار رڳو وفاقي حڪومت ئي استعمال ڪري سگهي ٿي.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وزيراعظم بجيٽ ۽ صوابديدي اختيار ڪابينا جي منظوري سان ئي استعمال ڪري سگهي ٿو.

عدالت قرار ڏنو ته سيڪريٽري يا وزير وفاقي حڪومت جو اختيار استعمال نٿو ڪري سگهي، ڪابينا کي فنانس بل سميت هر قسم جي قانونسازي کان اڳ جائزو وٺي مناسب وقت ڏنو وڃي ۽ اڳتي ڪو به بل يا آرڊيننس ڪابينا جي منظوري کانسواءِ جاري نٿو ڪري سگهجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*