آئرلينڊ خلاف ون ڊي سيريز سان گڏ انگليند جي ٽيم کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏين لاءِ ٽيم جا سمورا رانديگر پراميد آهن, پاڪستان جي ون ڊي ٽِيم جي ڪپتان اظهر علي

Azhar-Ali-18816

پاڪستان جي ون ڊي ٽِيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته آئرلينڊ خلاف ون ڊي سيريز سان گڏ انگليند جي ٽيم کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏين لاءِ ٽيم جا سمورا رانديگر پراميد آهن.

پاڪستان ۽آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي اظهر علي چيو ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز برابر ڪرڻ بعد سمورن رانديگرن جا حوصلا بلند ٿيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته آئرلينڊ جي ٽيم خلاف سندن رڪارڊ شاندار رهيو آهي ۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته ٻن ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.

اظهر علي چيو ته هو پهريون ڀيرو آئرلينڊ جي ٽيم خلاف ڪپتاني ڪندو ۽ سندس ڪوشش هوندي ته هو سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ۽فتح ماڻي.

واضح رهي ته آئرلينڊ ۽ پاڪستان ۽ جي ٽيمن وچ ۾ مجموعي طور تي 6 ون ڊي ميچز کيڏيون ويون آهن،جن مان چار ۾ فتح قومي ٽيم کي ملي، هڪ ميچ ۾ ڪاميابي  آئرلينڊ کي نصيب ٿي ۽ هڪ ميچ ٽاءِ ٿي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*