هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زبردستي زهر ڏنل نوجوان ۽ ناري جو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري آهي

larkana hospital

هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زبردستي زهر ڏنل نوجوان ۽ ناري جو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري آهي، ڊاڪٽرز موجب نوجوان ڪامران  جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس ٻيهر وينٽيليٽر تي رکيو ويو آهي.

پسند جي شادي ڪرڻ تان ناري جي وارثن پاران زبردستي زهر ڏنل نوجوان ڪامران لاڙڪ ۽ ناري طاهره شاهه کي گذريل ڏينهن خيرپور مان لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽر اشفاق ڀٽو جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪامران لاڙڪ جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کيس ٻيهر وينٽيليٽر کي رکيو ويو آهي، جڏهن ته ناري طاهره جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

ڪمشنر لاڙڪاڻو، انعام الله ڌاريجو ۽  شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر اصغر چنو چانڊڪا اسپتال پهچي ناري ۽ نوجوان جي خيريت معلوم ڪئي.

ڪمشنر لاڙڪاڻو انعام الله ڌاريجو جو چوڻ هو ته نوجوان ڪامران لاڙڪ کي وينٽيليٽر تان هٽائڻ بعد کيس ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪري بهتر نموني علاج ڪرايو ويندو.

هوڏانهن ناري ۽ نوجوان کي زبردستي زهر پيارڻ واري ڪيس ۾ گهربل وڌيڪ ٻن جوابدارن کي پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ  آهي ته رهيل ٻن جوابدارن جي گرفتاري ۽ واقعي جي جاچ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ گرفتار ڪيل 5 جوابدار رمانڊ تي آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*