وزيراعظم نواز شريف شهيد ڪٽنبن جي سهائتا لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ ۽ دهشتگردي سبب متاثر ٿيلن لاءِ انڊومينٽ فنڊ فوري طور تي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

Nawaz-Sharif-18816

وزيراعظم نواز شريف شهيد ڪٽنبن جي سهائتا لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ ۽ دهشتگردي سبب متاثر ٿيلن لاءِ انڊومينٽ فنڊ فوري طور تي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته شهيدن جي ٻاررڙن جي تعليم ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام پيش ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي.

اجلاس ۾ ڪوئيٽا ڌماڪي جي شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف لاڳاپيل وزارت کي هدايت ڪئي ته شهيدن جي ڪٽنبن جي سهائتا لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ته جيئن شهيدن جي ٻارڙن کي تعليم سان گڏ روزگار جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.

وزيراعظم نواز شريف دهشتگردي سبب متاثرن ٿيلن لاءِ انڊومينٽ فنڊ ۽ گوادر پورٽ تي ڪم تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري شعبي ۾ آڊٽ بابت پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ معاهدي جي منظوري ايجنڊا ۾ شامل آهي، جڏهن ته  پاڪستان ۽ ويٽنام ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح جي منظوري به ڏيڻ جا امڪان آهن.

 ذريعن موجب  بينڪاري نظام ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۽ روس ۾ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي، ان کان علاوه  پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ سفارتي ويزاه ختم ڪرڻ واري معاهدي جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي.

ڪابينا پاران پاڪستان ۽ قازقستان ۾ ڏوهارين جي مٽا سٽا واري معاهدي ۽  پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري به ڏني ويندي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ضابطه فوجداري جي تجويز ڪيل ترميمي بل تي غور  ڪيو پيو وڃي.

وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا ۾ توانائي شعبي ۾ سڌارن بابت معاهدي جي صححيح به شامل آهي، جنهن تحت جاپان پاڪستان کي توانائي سڌارن لاءِ رقم فراهم ڪندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*