خيبر ايجنسي جي علائقي راجگل ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا ۽ دهشتگردن جا 6 ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا آهن

Army-Khyber-18816

خيبر ايجنسي جي علائقي راجگل ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا ۽ دهشتگردن جا 6 ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا آهن، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو بندش پيل تنظيمن سان آهي.

خيبر ايجنسي ۾ پاڪ افغان سرحدي علائقي راجگل ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي، پهاڙي علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد سرحدي لنگهه تي دهشتگردن جي چرچر تي نظر رکڻ  آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب راجگل واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز پيش قدمي ڪندي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران 13 دهشتگرد مارجي ويا، جن جو واسطو بندش پيل تنظيمن لشڪر السلام، ٽي ٽي پي ۽ داعش سان آهي.

سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ دهشتگردن جا 6 ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*