سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر جي آمد دوران شڪارپور واسڻ عورت مڙس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو

khi protest

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر  جي آمد دوران شڪارپور واسڻ عورت مڙس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر مختلف ڪيسن ۾ پيشي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ  پهتو ته شڪارپور واسڻ عورت ناز خاتون معصوم ٻارڙن سوڌو احتجاج ڪيو.

عورت ايڊيشنل آءِ جي آڏو  مڙس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مطالبا ڪندي روئيندي رهي، پر پوليس آفيسر سندس ڳالهه ٻڌڻ کانسواءِ ئي عدالت ۾ هليو ويو.

عورت جو چوڻ آهي ته ڪجهه عرصو اڳ سندس مڙس کي اڻڄاتل جوابدارن بيدردي سان قتل ڪيو، پر اڃا تائين کيس انصاف نه ملي سگهيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*