وفاقي حڪومت سان سندن اختلاف جمهوري آهن،سڌ سماءَ جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو

Mula-Bus-Chandio-18816

سڌ سماءَ جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وفاقي حڪومت سان سندن اختلاف جمهوري آهن، حڪومت پارليامينٽ جو احترام نه پئي ڪري ۽ نه ئي پارليامينٽ جي فيصلن تي عمل ڪيو پيو وڃي، پناما ليڪس وارو معاملو حڪومت کي ٻوڙي ڇڏيندو.

ميرپورخاص ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته وفاقي حڪومت سان سندن اختلاف جمهوري آهن، حڪومت پارليامينٽ جو احترام نه پئي ڪري ۽ نه ئي پارليامينٽ جي فيصلن تي عمل ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته نواز ليگ حڪومت پنهنجي دفاعي پوزيشن به وڃائي ويٺي آهي، سندس وزير مختلف فورمن تي اچڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن ۽ اچن ٿا ته پنهنجي حڪومت جو دفاع به نٿا ڪري سگهن.

هن چيو ته حڪومت پاناما ليڪس مان جند ڇڏائي نه سگهندي، وزير اعظم کي قوم آڏو جواب ڏيڻو پوندو.

هن جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو پارٽيءَ جي نئين سر تنظيم سازيءَ جو فيصلو ڪري تاريخي قدم کنيو آهي.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته پ پ ختم ٿي وئي آهي، اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا.

صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پ پ جي ختم ٿيڻ وارو تاثر ان ڪري پيدا ڪيو پيو وڃي ته جيئن جمهوريت کي نقصان پهچي، ڇاڪاڻ ته پ پ جمهوريت جي بقا لاءِ قربانيون ڏيندڙ پارٽي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*